صحبت پور (ويب ڊيسڪ) صحبت پور ۾ روڊ ٺاهيندڙ پورهيتن جي ڪيمپ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ذريعي دهشتگردن پاران ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت مارجي ويو جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ پوليس اهلڪار عثمان علي، ڪانسٽيبل مهتاب علي شامل هئا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي ۾ صاحب خان جاگيراڻي ۽ صدام حسين کوسو زخمي ٿيا جڏهن ته صدام کوسو اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.