حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جسقم پاران جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف سڀاڻي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.
جسقم جو چوڻ آهي ته حيدرآباد پوليس مرڪ جان پيرزادو جي قتل ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي ناهي ڪئي، فوري طور تي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
جسقم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار پاران ضمانت واري درخواست تي به وڪيلن سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن.