سنڌ هاءِ ڪورٽ: پٽ بازياب نٿا ڪرائي سگهو ته مون کي به جيل ۾ وجهو: گم ٿيل شهري جو پيءُ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل نوجوان موسيٰ بن سجاد جي بازيابي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران گذريل 9 سالن کان لاپتا پٽ بازياب نه ٿيڻ تي بزرگ شهري ويل چيئر تي عدالت پهتو.

پيرسن جو دانهيندي چوڻ هو ته پٽ جي گم ٿيڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن ۾ اسان رڳو هڪ ڀيرو ماني کائيندا آهيون، جيڪڏهن پٽ کي بازياب ڪرائي نٿا سگهو ته اسان کي ڦاهي ڏئي ڇڏيو، مون کي جيل ۾ وجهو.

هن چيو ته پٽ چيو ته عدالت ۾ وڌيڪ نه ڳالهائيجو، توهين عدالت لڳي ويندي، مان چوان ٿو ته مون کي جيل ۾ وجهو، گهٽ ۾ گهٽ ٻن ويلن جي ماني ته ملندي.

ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته پشاور کان رپورٽ اچي چڪي آهي، نوجوان ڪنهن به اداري جي تحويل ۾ ناهي.

عدالت گهرو کاتي کي لاپتا شهري جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت گهرو ۽ دفاع واري وزارت کان 22 جنوري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.