ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جاري ٿيڻ بعد سنڌ ۾ وظيفي جي رقم وٺڻ دوران مستحق عورتن جي تذليل توڻي ڪٽوتي جو سلسلو جاري آهي.
لاڙڪاڻي، دادو، خيرپور، مٺي، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ سينٽرن ۽ دڪانن تي عورتن جي رش لڳي وئي آهي.
مستحق عورتن پاران مختلف سينٽرن تي ڪٽوتي جون دانهون ڪيون ويون ۽ ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي پر انتظاميا ڪا ڪارروائي نه ڪري سگهي.