ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته پولنگ 8 فيبروري 2024 تي ئي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان آگاهه آهي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر چونڊيول جاري ڪيو ويندو، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اسان مڪمل طور تي تيار ۽ پرعزم آهيون.
سندس چوڻ هو ته پنهنجي مستقبل کي سامهون رکي ووٽ ڪاسٽ ڪيو وڃي، اليڪشن دوران ووٽرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.