تعميراتي لوهه جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر گهٽجڻ سبب تعميراتي لوهه جي قيمت به گهٽجي وئي.
ڊالر جو اگهه گهٽجڻ سبب مارڪيٽ ۾ لوهه جي قيمت ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي ۽ في ٽن لوهه جي قيمت 3 لک 5 هزار رپين مان گهٽجي 2 لک 45 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
هن وقت مارڪيٽ ۾ لوڪل لوهه جي في ٽن قيمت ٻه لک 45 هزار، جڏهن ته برانڊڊ لوهه جي في ٽن قيمت ٻه لک 63 هزار کان 2 لک 65 هزار رپيا في ٽن تائين اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.