ٺارو شاهه (ويب ڊيسڪ) ٺارو شاهه ۾ ڪيلا موري وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو.
پوليس دعويٰ ڪئي ته ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلي ۾ صدر ڪلهوڙو مارجي ويو.
پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري پوليس اهلڪار جابر راجپوت جي شهادت واري واقعي ۾ ملوث هو.