ويسر جي بيماري ختم، سستو ۽ جادوئي نسخو

اسان مان اڪثر ماڻهن کي اها شڪايت هوندي آهي ته اهي ڪٿي ڪا شئي رکي وساري ڇڏيندا آهن، ان جو سبب ٻين عملن کانسواءِ يادداشت جي ڪمزوري به ٿي سگهي ٿو.
ان سبب ماڻهن کي نالا ياد ناهن رهندا، چاٻيون، چشمو، پرس، موبائل يا ٻيون شيون وساري ڇڏيندا آهن، کين تاريخون به ياد ناهن رهنديون ۽ ٻيا به ڪيترائي مسئلا شامل آهن.
جيڪڏهن توهان کي ويسر جي بيماري آهي ته ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جيئن اوجاڳو، پريشاني، گهٽ جسماني پورهيو يا وري ڪو جينياتي مسئلو.
ان مسئلي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڊاڪٽر عيسيٰ انتهائي آسان نسخو بيان ڪيو آهي.
نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت دوران ڊاڪٽر عيسيٰ ٻڌايو ته 100 رپين جي برهمي ٻوٽي ڪنهن به پنساري جي دڪان تان خريد ڪيو ۽ ان ۾ ايترو ئي وزن مصري شامل ڪيو ۽ انھن کي پيسي ڇڏيو، روز هڪ چمچو کير ۾ وجهي پيئو ته توهان جي يادداشت بهتر ٿي ويندي.
اڪثر ماڻهو جسماني صحت جو خيال ته ڪندا آهن پر دماغي صحت تي ڌيان ناهن ڏيندا، دماغي صحت ۾ خوراڪ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، دماغ لاءِ فائديمند غذائن جو استعمال اسان جي جسم ۾ رت جي گردش کي بهتر ڪندو آهي، دماغ سڄي جسم کي ڪنٽرول ڪندو آهي، تنهن ڪري دماغ جي صحت جو خيال انتهائي ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.