اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ايجوڪيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بنا ايڇ اي سي منظوري جي ڊگريون جاري ڪندڙ يونيورسٽين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس عرفان صديقي جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ بنا ايس ايڇ سي منظوري جي ڊگريون جاري ڪندڙ يونيورسٽين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ڪميٽي ايڇ اي سي کي هدايت ڪئي ته اهڙين يونيورسٽين خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هيل تائين جيڪي شاگرد تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like