ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا طرفان سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ نادرا جي جديد ترين سهولت سبب پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنهن به شخص کي پاور آف اٽارني ملڻ انتهائي آسان ٿي ويو.
نادرا طرفان ايڪس تي ٻڌايو ويو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي شاندار سهولت ”ڊجيٽل پاور آف اٽارني“ متعارف ڪرائي وئي.
نادرا موجب پاور آف اٽارني لاءِ پاڪستاني مشن اچڻ جي ضرورت ناهي، 6 آسان مرحلن ۾ ضروري ڪارروائي مڪمل ڪيو ۽ گهر ويٺي ڊجيٽل پاور آف اٽارني حاصل ڪري سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.