بجلي مهانگي ٿيڻ باوجود گردشي قرض ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي اگهن ۾ تاريخي واڌ باوجود گردشي قرض تيزيءَ سان وڌيو آهي.
دستاويز موجب پاور سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ آڪٽوبر 2023 تائين وڌي 2611 ارب رپين تي پهچي ويو، رڳو آڪٽوبر 2023 جي هڪ مهيني ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ 74 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي.
جولاءِ کان آڪٽوبر 2023 تائين پاور سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ 301 ارب رپيا وڌيو، آڪٽوبر 2023 تائين پاور پروڊيوسر جون رهتون 1750 ارب رپيا ٿي ويون.
جنڪوز فيول سپلاءِ جي مد ۾ 96 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن، پاور سيڪٽر سرڪلر ڊيٽ ۾ پاور هولڊنگ لميٽيڊ تحت 765 ارب رپين جي رقم آهي.
واضح رهي ته جون 2023 تائين بجلي شعبي جو سرڪلر ڊيٽ 2310 ارب رپيا هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.