پاڪ سوزوڪي پهرين ڊسمبر کان 6 ڊسمبر تائين موٽر سائيڪل ٺاهڻ جو پلانٽ عارصي طور بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پاڪ سوزوڪي جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪلن جي وڪري ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪچي مال جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ به پلانٽ جي عارضي طور بندش ڪئي پئي وڃي پر ان دوران ڪار ٺاهيندڙ پلانٽ آپريشنل هوندو.
پاڪ سوزوڪي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪ سوزوڪي اسٽاڪ مارڪيٽ مان ڊي لسٽ فيصلو به ڪيو آهي، پڌرائيءَ موجب سمورن ننڍن شيئر هولڊرز کان شيئر واپس خريد ڪيا ويندا، ڪمپني مسلسل ٽن سالن کان نقصان ۾ وڃي رهي آهي.
Prev Post
You might also like