سعودي عرب ۾ ساڍا 3 لک ملازمتون، اهم خبر اچي وئي

ڪنگ سعود يونيورسٽي رياض ۾ سعودي سوسائٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خليل الذيابي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته ايڪسپو رياض 2023 سان ساڍا 3 لک نوڪريون فراهم ٿينديون.
ڊاڪٽر خليل الذيابي چيو ته ايڪسپ رياض 2023 جي ميزباني جو اعزاز ملڻ تي اسان کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، اسان کي پهرئين ڏينهن کان يقين هو ته ايڪسپو 2023 جي ميزباني جو اعزاز رياض کي ملندو، زبردست عالمي مقابلي کانپوءِ سعودي عرب کي ايڪسپو 2023 جي ميزباني جو اعزاز مليو آهي.
هن چيو ته ان سبب هڪ پاسي سعودي عرب کي ڪاميابيون ملي رهيون آهن ته ٻئي پاسي ان جي ڪري نوجوانن کي روزگار جا موقعا پڻ ملي رهيا آهن، اندازو آهي ته 6 مهينن ۾ ايڪسپو جي شوقينن جو انگ 40 ملين تائين پهچي ويندو.
سندس موجب مطالعن سان خبر پئي ته ايڪسپو 2023 جي رياض ۾ ميزباني سان سعودي عرب ۾ 2024 کان وٺي 2023 تائين ساڍا 3 لک نوڪريون پيدا ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.