غير قانوني افغانين جي واپسي جاري، 4 لک مان مٿي روانا ٿي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي واپسيءَ جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان حڪومت جي اعلان کانپوءِ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جو وڏو انگ واپس وڃي رهيو آهي.
انگن اکرن موجب 3 ڊسمبر تي وڌيڪ 2771 افغاني واپس ويا، جن ۾ 863 مرد، 722 عورتون ۽ 1186 ٻار شامل آهن.
3 ڊسمبر تائين پاڪستان ڇڏيندڙ غير قانوني افغانين جو ڪُل انگ 4 لک 7 هزار 680 تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.