آسٽريليا ۾ به مداح بابر اعظم وٽ پهچي ويا، وڊيو ڏسو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم جتي ويندو آهي ته سندس چاهيندڙ به اتي پهچي ويندا آهن، آسٽريليا جي شهر ڪينبرا ۾ به ائين ئي ٿيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهي، جتي رانديگر ڪينبرا ۾ پريڪٽس ڪري رهيا آهن.
قومي ٽيم گذريل ڏينهن ٽريننگ سيشن لاءِ ڪينبرا پهتي ته بابر اعظم جي چاهيندڙن به وڏي انگ ۾ رُخ ڪري ورتو ۽ پاڪستاني هيرو کي ڏسڻ لاءِ بيچين رهيا.
بابر اعظم جي مداحن ۾ نوجوانن سان گڏ ٻار به شامل هئا، جن ساڻس سيلفيون ڪڍرايون، بيٽ، بال ۽ شرٽ تي آٽو گراف ورتا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي بابر اعظم جي چاهيندڙن جي وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن کي واهپيدارن طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.