مڪان مالڪ مسواڙ نه ڏيڻ تي عورت تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ مڪان مالڪ مسواڙ نه ڏيڻ تي عورت تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي.
ڪاهنه جي علائقي ۾ مڪان مالڪ ٻين عورتن سان گڏجي مسواڙ نه ڏيڻ تي عورت کي ڏنڊن ذريعي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرائيدار عورت سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ ريسڪيو 1122 کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
ان واقعي جي وڊيو به منظر تي اچي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مڪان مالڪ جون حمايتي عورتون ڪرائيدار عورت تي تشدد ڪري رهيون آهن ۽ پوءِ زخمي عورت کي روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو.
مالڪ مڪان ارشد متاثر عورت ڪلثوم بي بي جو سامان به گهر مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، هن چيو ته ڪرائيدار عورت ٽن مهينن کان مسواڙ ناهي ڏني.
متاثر عورت انصاف لاءِ ڪاهنه ٿاڻي ۾ درخواست ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.