عمران اشرف جي زال ڪرن اشفاق ٻي شادي ڪري ڇڏي؟

لاهور: (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان عمران اشرف جي اڳوڻي گهرواري اداڪارا ڪرن اشفاق جي ٻي شادي جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون آهن.

سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي شوبز جون خبرون پوسٽ ڪندڙ مشهور بلاگر پيج عرفانستان موجب عمران اشرف جي اڳوڻي گهرواري ڪرن اشفاق ٻي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بلاگر پيج پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ چيو ته ڪرن اشفاق لاهور جي هڪ واپاري سان شادي ڪئي آهي.

هاڻي اها خبر مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي پيجز تي به وائرل ٿي رهي آهي جڏهن ته مداح ڪرن جي نئين زندگي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ٻئي طرف ڪرن اشفاق اڃا تائين پنهنجي ٻي شادي جي خبرن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.

ياد رهي ته پاڪستان جي مشهور اداڪار عمران اشرف ۽ ماڊل ڪرن اشفاق 2018ع ۾ شادي ڪئي هئي، ٻنهي کي روهم نالي هڪ پٽ آهي.

گذريل سال آڪٽوبر ۾ عمران اشرف ۽ ڪرن اشفاق باضابطا طور تي الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.