پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ آسٽريلوي ٽيم جو اعلان ٿي ويو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو.
آسٽريليا جي نيشنل سليڪشن پئنل پاڪستان خلاف پرٿ ٽيسٽ لاءِ پيٽ ڪمنز جي قيادت ۾ 14 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پرٿ تيسٽ 14 کان 18 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.
آسٽريليا جي 14 رڪني اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، ڊيوڊ وارنر، عثمان خواجا، اسٽيو سمٿ، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، مچل مارش، لانس مورس، مچل اسٽارڪ، اسڪاٽ بولينڊ، ايليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ ۽ ٽريوس هيڊ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.