لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڏن ۽ پٺن جي مرضن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ ٽن ڏهاڪن ۾ ان بابت ڪيسن ۾ ٻيڻ تي واڌ جو امڪان آهي.
دي لينسٽ ريوماٽولوجي جنرل ۾ ڇپيل هڪ نئين تحقيق موجب ايندڙ 30 سالن ۾ سنڌن، پٺن ۽ هڏن جي مرضن ۾ 115 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو پٺن، هڏن، سنڌن ۽ ڪرنگھي جي هڏي جي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندا جيڪو 2020ع ۾ تقريبن اڌ ارب کان وڌيڪ آهي.
هڏن ۽ سنڌن جي مسئلن ۾ اضافي کي مختلف عملن سان منسوب ڪري سگھجي ٿو ۽ طرز زندگي ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ سان انهن مسئلن کي روڪڻ يا گھٽائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
سڀ کان پهريان سنڌن جي سور يا چرپر ۾ پريشاني جهڙين علامتن کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي ۽ جيتري جلدي ٿي سگھي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي. ٻيو اهو ته جسم جي غير مناسب حالت کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ هڏن ۽ پٺن جي بهتر صحت لاءِ باقاعدا ورزش ڪرڻ گھرجي.
You might also like