سنڌ سان وچن وارو ڏهاڙو

غلام حسين لغاري

سنڌي قوم ۽ سنڌ واسي اڄ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر عالمي سطح تي روايتي انداز ۾ پنهنجي ثقافتي عيد وارو ڏڻ جنهن کي ايئن کڻي چئجي ته سنڌ سان وچن وارو ڏهاڙو هڪ جذبي ۽ انتهائي عزم سان ملهائجي رهيو آهي پر ان ڳالهه کان به غافل رهڻ نه گهرجي ته هي ڏڻ سنڌ سان انهيءَ وچن ڪرڻ جو به آهي ته سنڌ  کي هر لحاظ کان سکيو ستابو ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ هرممڪن وسيلا ڪتب آڻڻ سان گڏ سنڌ جي سرحدن ، ثقافت ، تهذيب ۽ قدرتي وسيلن جي نه صرف هرممڪن حفاظت ڪئي ويندي پر سنڌ مٿان ميري نظر رکندڙن ، اجاين ريتن رسمن ۽ پنهنجي ئي ماڻهن کي غلامي واري ماحول ۾ رکندڙن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملايا ويندا ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي بقا برقرار رکي آزادي واري فضا ۾ ساهه کڻي سگهي جن جو ساهه سنڌ جا وڏرا ۽ جاگيردار مٺ ۾ ڪيو ويٺا آهن.

جيتوڻيڪ آءُ سنڌ جي ڀوتارن وڏيرن جو ستايل آهيان پوءِ به سنڌ جي محب وطن سنڌي ماڻهن جي خوشي ۾ پاڻ کي احتجاج طور شريڪ ٿيندي سنڌ سان وچن آهي ته سنڌ ۽ سنڌي زرعي پورهيتن جي بنيادي حقن لاءِ جاگيردارن وڏيرن سان مهاڏو اٽڪايو ايندس ڀلي ڪيترو به نقصان کڻان۔سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف جاکوڙ جاري رهندي

هن ڀيري هن ڏهاڙي کي محبت ۽ امن جي حوالي سان ملهائڻ خاطر مچ ڪچهريون سرفهرست آهن جن کي هن قوم ڪجهه عرصو اڳ وساري ويٺي هئي جن وسيلي هڪٻئي کي امن ، محبت ۽ ڀائيچاري جو وسيع پيغام ملندو رهندو هو ۽ قوم سياست توڙي قبائلي ڦڏن کان پري رهندي هئي, جنهن سان غربت هوندي به سنڌ اندر غربت ڏسڻ ۾ ڪانه ملندي هئي.مهمان نوازي عروج تي هجڻ ڪري ڪو به مسافر ديسي هجي توڙي پرديسي ڪنهن واهڻ وسندي  ڀرسان بکئي پيٽ يا اڃايل نه لنگهندو هو.                                 اڄ به هاڻ به اهڙي ماحول ۽ وچن جو وقت آهي ته اسان پنهنجي واهڻن ۽ وسندين کي اهڙي طرح ته وسايون ۽ آباد ڪريون جو رات جي وقت به اهي محفوظ هجن.جيڪو ڏوڪڙ پئسو امن امان جي بحالي لاءِ پوليس ۽ ٻين ادارن تي خرچ ٿئي ٿو اهو بچي ۽ وسندين جي ترقي و خوشحالي لاءِ خرچ ٿئي.

هن ڏڻ ملهائڻ وارن ريتن ۽ رسمن تي ڪجهه حلقن کي سخت اعتراض به آهن جن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ، ڇاڪاڻ ته خوشي جي موقعي تي جهمريون به لڳنديون آهن ته پنهنجي قومي لباس جي نمائش به ٿيندي آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جو ڪو اعتراض نه هئڻ گهرجي پر انجي طريقيڪار کي ڪنهن حد تائين تبديل ڪرڻ گهرجي۔جيڪڏهن خوشي واري هن ڏڻ جي موقعي تي جيڪڏهن نياڻيون به سنڌ سان پنهنجي والهانه محبت جو پنهنجي قومي ڊريس وسيلي خوشِي جو اظهار ۽ سنڌ سان وچن ڪن ٿيون ته انتي ڪنهن کي به ڪو اعتراض نه هجڻ گهرجي .دنيا جي هر معاشري ۾ عورتن کي پنهنجي قومي ڏهاڙن جي موقعي تي خوشي جو اظهار ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي ۽ اهي ان ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪن ٿيون

جيڪڏهن ڏسجي ته جڏهن کان سنڌ جي ثقافتي عيد ملهائڻ وارو بنياد پيو آهي ، تڏهن کان سنڌ  جي ثقافت جي ڪافي حد تائين حوصله افزائي ٿي آهي ۽ ان ئي عالمي سطح تي نروار ٿيڻ جو به موقعو مليو جيڪا حوصلي بخش ڳالهه آهي.سنڌ اندر اوليائن ۽ بزرگن جا ميلا جيڪي ماضي ۾ يا ته ختم ٿي چڪا هئا يا پنهنجو اثر ڇڏي چڪا هئا، اتي ميلن واريون سرگرميون ٻيهر پنهنجي روايتي عروج سان شروع ٿي چڪيون آهن.ملاکڙا،ڪٻڊي،ونجهوٽي،لاٽون، نو ٽڻ،ڏڪي ڏڪر ۽ ٻيون ڪافي ننڍيون توڙي وڏيون رانديون هاڻ اوهان کي هرهنڌ ٿيندي ڏسڻ ۾ اينديون جنهن سان هڪ ته ماڻهن ۾ قرب و محبت وڌي ٿي ته ٻئي پاسي دشمنيون گهٽجن ٿيون

مچ ڪچهرين جو رواج توڙي اوطاقن جي رونق به ٻيهر بحال ٿي چڪي آهي پر اڃا به وڏيرڪيون ۽ جاگيردارن واريون اوطاقون سنڌ جي امن ۽ ثقافت جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن جيڪي ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻ سياست جي ور چڙهيل آهن جن جو سنڌ ۽ سنڌي ثقافت سان ٽڪي برابر به واسطو ناهي.ماضي ۾ وڏيرا ۽ چڱا مڙس تر جا اڳواڻ ۽ پنهنجن جي پرگهور لهڻ وارا نظر ايندا هئا جڏهن ته هاڻ جو وڏيرو ۽ چڱو مڙس استحصالي طبقي طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهنڪري ٻهراڙي جو ٻار پڙهڻ کان محروم آهي ۽ نه وري وڏيرو چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ جو ٻار ڪا وڏي منزل يا رتبو ماڻي.هاري به ڀوتارن جو محتاج آهي جن کي اهڙي سماج مان ٻاهر ڪڍڻ جي سخت ضرورت آهي  ۽ انهن جي اڳواڻي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.اسان کي سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن کي امن ، محبت ۽ ڀائچاري جو گهوارو بنائڻ گهرجي ۽ اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته انسانيت جو علمبردار ٿي رهي ڪري ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد ۽ ڪاروڪاري ڪاري واري جاهلانه نظام کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي به اهڙي رواج جا خالق آهن تن کي سرعام وائکو ڪري اهڙين ريتن رسمن جو خاتمو آڻڻ گهرجي.هن ڏس ۾ وري به اخبارون ۽ ميڊيا مک ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون جن لاءِ اهي ثقافتي عيد ملهائڻ واري جذبي هيٺ اڳيان آهن.

ثقافت واري ڏڻ جي حوالي سان هڪ ڳالهه ته اهو ڏهاڙو هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آهي ۽ جنهن ڏينهن عام موڪل هوندي آهي ۽ اها هڪ سٺي ڳالهه به آهي ته موڪل واري ڏهاڙي جو فائدو وٺڻ گهرجي.سنڌ جو هي قومي ڏڻ گذريل 15 سالن کان ملهايو پيو وڃي پر سرڪاري سطح تي هن ڏڻ جي ڪنهن به طرح حوصلا افزائي ناهي ٿي سگهي جنهن جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي کي هي ڏهاڙو قومي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي جنهن ۾ صوبائي ،توڙي ضلعي سطح تي سيمينار منعقد ڪرڻ  گهرجن ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙن کي هر سال سنڌ ثقافت ايوارڊ ڏنا وڃن.سنڌ جي هر ضلعي اندر ثقافت کاتي جا ادارا قائم آهن جن جي هالن کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.ضلعي سطح تي سنڌي هنرن ، چوپائي مال جي نمائش ، ڊوڙ جي نمائش ۽ قومي مچ ڪچهريون هرسال منعقد ڪرڻ گهرجن جن وسيلي پوري قوم کي امن ، محبت ۽ ڀائيچاري وارو پيغام پهچي سگهي ٿو ۽ هڪٻئي لاءِ نفرتون به ختم ٿي سگهن ٿيون.ماضي ۾ ڳوٺ سڌار جي نالي سان هن قسم جا ميلا لڳندا هئا جن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ هنر کي اجاڳر ڪيو ويندو ته هاڻ هن جمهوري دور ۾ ممڪن ڇو ناهي؟هن وقت سنڌ جو ثقافت کاتو مضبوط آهي جيڪو هن ڏس ۾ مک ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن نيت سچي هجي ته !.

بهرحال سنڌ واسين توڙي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي سٻاجهڙن کي ثقافتي عيد وارو هي ڏڻ مبارڪ هجي.جتي به هجن اتي خوش هجن ۽ هي ڏهاڙو جوش و جذبي سان ملهايو ۽ سنڌ جو شان وڌايو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.