ڀرپاس جي فلم ”سالار“جو ڌماڪيدار ٽريلر جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار پرڀاس جي نئين ميگا (سالار) جو ڌماڪيدار ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.
”سالار“ سيز فائر 1 جي ٽن منٽن 47 سيڪنڊن جي ٽريلر ۾ پرڀاس پنهنجي شاندار ايڪشن ۾ نظر آيو جنهن مداحن کي پرجوش ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن موجب فلم 2 حصن ۾ بڻائي ويدي، پرڀاس سالار جي ڪردار ۾ جڏهن پرٿوي راج سوڪومان ورادراجا منرا جي ڪردار ۾ ايڪشن ڏيندا.

فلم کي بلاڪ بسٽر سيريز جي ”ڪي جي ايف“ جي ڊائريڪٽر پرشانت نيل بڻائي رهيو آهي ۽ ”سالار“ جي ڪهاڻي کي ڪي جي ايف سان ملايو ويندو.
واضح رهي ته سالار کي 400 ڪروڙ رپين جي ڳري بجيٽ سان بڻايو ويو آهي ۽ اها هن مهيني 22 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.