روسي عورتون هر صورت 8 کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪن: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) صدر ولاديمير پيوٽن روسي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اٺ يا وڌيڪ ٻار پيدا ڪن ۽ يوڪرين خلاف جنگ ۾ وڌندڙ موت جي شرح کان پوءِ وڏي خاندانن کي ”معمول“ بڻائين.

ڪيف پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، روس جي پيدائش جي شرح 1990 جي ڏهاڪي کان مسلسل گهٽجي رهي آهي، ۽ ملڪ يوڪرين جي تڪرار جي شروعات کان وٺي 3 لک کان وڌيڪ فوتگين کي ڀوڳي چڪو آهي.

اڱاري ڏينهن ماسڪو ۾ ورلڊ روسي پيپلز ڪائونسل کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي صدر پيوٽن چيو ته ايندڙ ڏهاڪن لاءِ روسي آبادي کي وڌائڻ اسان جو مقصد هوندو.

صدر پيوٽن چيو ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو خانداني روايت کي برقرار رکي رهيا آهن جتي چار، پنج يا ان کان وڌيڪ ٻار ٿين ٿا.

هن چيو ته ياد ڪريو جڏهن روسي ڪٽنبن ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جا ست ست، اٺ اٺ ٻار هوندا هئا، اچو ته اسان انهن روايتن کي ٻيهر ورجايون. وڌيڪ ٻار ۽ هڪ وڏو خاندان معمول بڻجڻ گهرجي جيڪو روس جي سڀني ماڻهن جي لاءِ زندگي جو هڪ طريقيڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.