فيصل آباد:قرضي شخص زال ۽ 3 نياڻين کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ قرض کان پريشان شخص زال ۽ ٽن نياڻين کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب فيصل آباد ۾ ڊجڪوٽ جي ڀرپاسي واري علائقي مان زال مڙس ۽ ٽن ٻارڙين جا لاش مليا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گھريلو حالتن ۽ قرض کان پريشان شخص طاهر زال ۽ ٻارڙين کي ننڊ جو ٽڪيون کارائي بيهوش ڪرڻ بعد جوابدار هٿوڙا هڻي کين قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هن پاڻ به زهريلي دوا کائي زندگي جو انت آندو.
پوليس موجب ٻارڙين جي عمر 11،16 ۽ 18 سالن جي ويجهو آهن جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار لکت ڇڏي جنهن ۾ قرض ادا نه ڪري سگھڻ سبب هن پاڻ ۽ ٻارن کي موت جي ننڊ سمهارڻ جو بيان لکيو، وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.