سيمنٽ، ريتي بجري، لوهه جا اگهه آسمان تي پهچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سيمنٽ، ريتي بجري، لوهه جي اگهن کي به پر لڳي ويا آهن.

سيمينٽ جي في ٻوري جو اگهه 150 رپيا وڌڻ بعد ٻوري 1350 مان 1400 رپيا ٿي وئي آهي.

ڊي جي سيمينٽ 1400، ميپل 1380، بيسٽ وي 1350 رپيا في بوري جڏهن ته پائنيئرز 1350 رپيا ۽ لڪي سيمنٽ 1350 رپيا في بوري ۾ وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

مارگلا بجری 50 رپيا وڌي 190 رپيا في فٽ، لوهه لوڪل 2 لک 45 هزار رپيا في ٽن جڏهن ته برانڊ ٿيل لوهه 2 لک 75 هزار کان 2 لک 80 رپيا في ٽن تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.