سريلنڪا مفت سياحتي ويزا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ڀارت سميت ستن ملڪن لاءِ فري سياحتي ويزا جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب سريلنڪا جي اميگريشن کاتي فري ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيو آهي.
آڪٽوبر ۾ سريلنڪن ڪابينا ڀارت، چين، روس، ملائيشيا، جاپان، انڊونيشيا ۽ ٿائيلينڊ جي شهرين کي فري سياحتي ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
اميگريشن کاتي جو چوڻ هو ته فري آزمائشي بنياد تي سياحتي ويزا جاري ڪرڻ جو سلسلو 31 مارچ 2024ع ۾ 30 ڏينهن لاءِ شروع ڪيو ويندو، سياح فري ويزا تي 30 ڏينهن تائين سريلنڪا ۾ ترسي سگھندا.
آڪٽوبر ۾ سريلنڪا ويندڙ ڀارتي سياحن جو انگ 28 هزارهو، جڏهن ته گذريل مهيني سريلنڪا ويندڙ روسي سياحن جو انگ تقريبن 10 هزار هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.