پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ 4 هزار 169 پرائمري استاد پي ٽي سي ذريعي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
خيبر پختونخواهه جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليم کاتي منصوبابندي مڪمل ڪري ورتي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ 4 هزار 169 پرائمري استادن کي پي ٽي سي ذريعي ڀرتي ڪيو ويندو.
دستاويز موجب 35 ڪروڙن جي لاڳت سان 489 خواندگي سينٽر قائم ڪيا ويندا، اڳوڻن قبيلائي ضلعن ۾ شاگردن جي وظيفي لاءِ 3 ارب 35 ڪروڙ رپيا رکيا ويندا.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ديني مدرسن جي امداد لاءِ 2 ڪروڙ رپيا جاري ٿيندا، قبيلائي ضلعن ۾ ايندڙ 3 سالن دوران 6 لک 3 هزار 367 شاگردن کي مفت ڪتاب ۽ اسڪول بيگز فراهم ڪيا ويندا.
دستاويز موجب ٻن ڪمرن وارن اسڪولن کي واڌ ٿيڻ لاءِ 6 ارب رکيا ويا آهن، بنا عمارت وارن اسڪولن تي به 3 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.
تعليم کاتي چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ڊراپ آئوٽ شاگردن جي شرح گهٽ ڪرڻ لاءِ 500 ملين رپين جي اسٽيشنري فراهم ڪئي ويندي، ڊراپ آئوٽ جي شرح ۾ گهٽتائي لاءِ ڪميونٽي ايجوڪيشن سينٽر هلائڻ لاءِ هڪ ارب رپيا گهربل آهن، ضم ٿيل ضلعن جي شاگردن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ 3 ارب رپين جا وظيفا ڏنا ويندا.
You might also like