زمبابوي آئوٽ، يوگنڊا مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

يوگنڊا آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي ڪواليفائر ۾ يوگنڊا، روانڊا کي هارائي ايندڙ سال ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي آمريقا ريجن ڪواليفائر ۾ يوگنڊا جي ٽيم روانڊا کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن حاصل ڪندي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.


آفريڪا ريجن ڪواليفائر جي ٽاپ 2 ٽيمن ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻو هو، يوگنڊا کان اڳ نميبيا گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندي ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري چڪي آهي.


يوگنڊا جي ڪواليفاءِ ڪرڻ کانپوءِ آفريڪا ريجن ڪواليفائر ۾ شامل زمبابوي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو .
نميبيا ۽ يوگنڊا جي ڪواليفاءِ ڪرڻ کانپوءِ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ويهه ٽيمن جي لائين اپ مڪمل ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته 2024 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ان فارميٽ جي نائين ٽورنامينٽ هوندي جنهن جي ميزباني ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ڪندا، ايونٽ ۾ ويهه ٽيمون شامل آهن جن کي پنج، پنج جي چئن گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ مان ٽاپ ٻه ٽيمون سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، ميگا ايونٽ چار کان ٽيهه جون تائين کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.