لاس اينجلس ( ويب ڊيسڪ ) 67 هين گريمي ايوارڊ لاءِ نامزدگيون سامهون اچي ويون ۽ پاڪستاني گلوڪارا عروج آفتاب کي ٻن ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
” ايس زي اي “ کي سڀ کان وڌيڪ نامزدگيون حاصل ٿيون، ٻين فنڪارن ۾ ٽيلر سوئفٽ، اوليويا روڊريگو ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.
عروج آفتاب کي بيسٽ آلٽرنيٽيو جاز البم ۽ بيسٽ گلوبل ميوزڪ پرفارمنس جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته 67 هين گريمي ايوارڊز لاءِ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي کي به باظابطا طور نامزد ڪيو ويو آهي.
گريمي ايوارڊز جي تقريب ايندڙ سال چار فيبروري تي ٿيندي، جنهن ۾ ايوارڊ کٽيندڙ وارن فنڪارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.
ياد رهي ته عروج آفتاب پهرين پاڪستاني گلوڪارا آهي جنهن گريمي ايوارڊ کٽي تاريخ رقم ڪئي هئي.