قومي غيرت ۽ قومي مفاد

تحرير: رياض ابڙو 

قومي غيرت ۽ قومي مفاد ۾ فرق ناهي پر قومي غيرت جو ٺيڪو رڳو انهن لساني ۽ سماجي ٽولن جو ناهي، ان ڳالهه ۾ ڪجهه قومي سياسي پارٽين جو به وڃي ته اهي به ڪڏهن ان سوال تي اڀا ٿين. ان ساڳي تناظر ۾ هتي قومي غيرت ۽ قومي مفاد کي گڏائي لکي سگهجي ٿو ته به ڳالهه مڃائي سگهبي.

قومي غيرت به گهر جي غيرت وانگي آهي ته جيئن ماڻهوءَ جو مال، عزت ۽ ناموس محفوظ هجي، جيڪي به ملڪي سيڪيورٽي جا مسئلا هجن اهي نه ٿين، ڪير به هلان نه ڪري، گهر جون در ديوارون ۽ چوديواري مضبوط ۽ محفوظ به هجن، ڪو چور چَڪار گهر ٽپي نه اچي، ڪير به گهر جي ديوار ٽپي چوري ڌاڙو نه هڻي، ڪير به گهر جي ديوارن کي غيرمحفوظ نه سمجهي، جنهن کي به جي غلط فهمي به هجي ته ان کي ان ڳالهه جو ڊڄ ڏجي ته جي ديوار ٽپي آئين ته سر جو خير نه هوندءِ.

ساڳي ڳالهه ان قومي مفاد ۾ اها به آهي ته گهر جي ڪئي ڪمائي تي ڪنهن ٻئي جو حق ناهي، ڪير به ائين نه ٿو ڪري ته گهر جي ڪئي ڪمائي پاڙيوارن کي کارائي ڇڏي، ڪير به پنهنجي دولت کي محفوظ يا سنڀالي نه رکي، ڪير به ائين نه ڪري ته گهر جي ڪمائي جا ذريعا ٻين جي حوالي ڪري ڇڏي.

پر ڳالهه ته اسان وري به ان قومي مفاد جي ڪيون ته اهي جيڪي به قومي ڌاري جون سياسي پارٽيون آهن اهي ڪڏهن به انهن سوشل اشوز تي اٿي کڙيون نه ٿيون ٿين، اسيمبليءَ مان ڪو ٺهراءُ به پاس نه ٿيون ڪن، جي ڪن ٿيون ته انهن جي پاسداري به نه ٿيون ڪن، ان ڪري انهن جي ساک تي سوال آهي ته اهي سڀ اهڙي قومي سياست ڪري پنهنجي صوبائي ساک وڃائينديون.

هونئن قومي سياسي ڌاري وارين پارٽين جو مائينڊسيٽ اهو به آهي ته اهي جيڪي به ڪم ڪن يا انهن جو جيڪو به اليڪٽرول ڪاليج آهي اهي سڀ وڏيرا شاهي آهي، جيڪي انهن جي مُٺِ ۾ آهن. اهي وڏيرا شاهي ڪڏهن به عوامي راءِ وٺي ڪنهن به تڪ جي مالڪ يا ننڍڙن ننڍڙن وڏيرن کان پڇا نه ٿا ڪن ته اهي پي ٽي آءِ ۾ وڃن يا پي پي کي چونڊين ڪن يا نون ليگ هاڻي انهن جي فيورٽ پارٽي آهي. ان ڪري هيل واري سياسي بهارن ۾ اهي پنهنجي سياسي پارٽي جو جهنڊو انهن پارٽين ۾ لهرائيندا جن جي مٿي ڪا هلندي چلندي هجي، يا جيڪي اڳتي هلي قومي حڪومت ٺاهي جوڙي سگهندا ته اهي ان پارٽي ۾ هليا ويندا، يا اهي ڀلي پي ٽي آءِ ۾ هليا وڃن جيڪا پارٽي ۽ جنهن جو اڳواڻ جي اهو به چئي ته سنڌ صوبو اسان جو ناهي ته به اهي وڏيراشاهي اتي ئي ويٺا هوندا. ان ڪري انهن جو مکُ مفاد اهو ئي آهي ته اهي ڪرسي وٺن يا ڪا وزارت وٺن يا ڪنهن سڻڀي سيٽ تي ويهي رهن، ڇو ته اهي پاڻ پنهنجي ليکي جواب ده آهن ته انهن جي پي ٽي آءِ ۾ پنج سال گذاريا ته انهن پنهنجي لاءِ ڇا ڪيو؟ يا سوال اهو ناهي ته انهن قوم جي لاءِ ڇا ڪيو، جيئن آگسٽ 2020 واري بارشن ۾ عمران خان سکر کان موٽي ويو ۽ ڪراچي اچي 1300 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪري ويو، سرڪيولر ٽرين ۽ الائي جا ڇا ڇا آڇي ويو پر ٿيو ڪجهه به نه. ساڳي ڳالهه پي پي وارن جي لاءِ به آهي ته 2022 وارين بارشن ۾ ماڻهو مري کپي ويا، مال ملڪيت ۽ جانيون ضايع ڪري شهرن جو رخ ڪري وٺي ڀڳا پر ويچارن جا گهر اڃان به نه ٺهيا يا ڪير به انهن کان پڇا نه ٿو ڪري ته هاڻي جي اهڙيون بارشون آيون ته انهن جو حشر ڇا ٿيندو، يا ڪير انهن جي سار سنڀال لهندو. پر اسان وارا ماڻهو به ڀت جي پليٽ ۾ خوش آهن يا سمجهن ٿا هيل به اين جي اوز يا سماجي ڀلائي واريون تنظيمون آهن ته وري به اهي خدا ترس ماڻهو ايندا ۽ انهن جي خدمت به خدائي ٿي ويندي ۽ هيل به اهي ئي سياسي پارٽيون هونديون جيڪي پرُ سال هيون. پر اسان ٿا چئون ته افغانين کي سنڀالڻ جي ڳالهه آهي ته هتي مقامي ماڻهو پاڻ بک ٿا مرن، نه روزگار آ، نه نوڪري آ، نه ڪو صنعتون نه فيڪٽريون ۽ نه ڪو سکڻو آسرو، يا جي ٻوڏ ٿي اچي ته انهن جا فصل ٻڏي ٿا وڃن يا جي برساتون نه ٿيون ته انهن جا فصل سُڪي ٿا وڃن يا جي گهڻيون برساتون ٿيون ٿين ته انهن جي مٿان فليش فلڊ جي شامت به اچي ٿي ڪڙڪي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ افغاني هن خطي ۾ ڇا ڪندا يا جڏهن پنهنجا ماڻهو ئي بک ٿا مرن ته ٻين جو پيٽ ڪيئن پالبو.

سياسي پارٽين جي ميڄالي ۾ هڪ ڳالهه ٻي به پختي ويٺل آهي ته شهري ووٽ جي هٿ ڪرڻ جا هٿڪنڊا ٻيا آهن ۽ ڳوٺاڻي ووٽ بينڪ جون لوازمات ٻيون آهن. اهي سمجهن ٿا ته جي انهن هيل به افغانين جي يا اهڙن افغاني پٺاڻن جي مالڪي نه ڪئي ته انهن جا پنهنجا تڪ ۽ ووٽ ٻڌي ويندا. ان ڪري ته شهرن ۾ پي ٽي آءِ، ايڪ ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي گراف ڪرڻ سان پي پي جي ٽڪيٽ تي پروفيسرڊاڪٽرقادرخان مندوخيل اين اي 249 بلديا واري سيٽ کٽي هئي جيڪا فيصل واڊوا جي هئي. يا هاڻي به جيڪي پٺاڻ آباديون آهن اهي پي پي جون ووٽر آهن، جنهن جو ثبوت هاڻوڪو شهر جو ميئر به آهي. ان ڪري پي پي لساني سياست کان پرهيز ڪندي قومي ڌاري جي سياست ڪندي آئي آ جنهن جو وڏو نقصان اسان قوم جي ڳچيءَ ۾ ضرور وڌو ويندو آهي.

ان ڪري ووٽ وارو مفاد ۽ قومي مفاد ڪجهه به ناهي ته پوءِ سياسي پارٽيون پنهنجا ووٽن وارا پتا کيڏن ۽ جيئن وڻين تيئن ڪن، پر ڳالهه جڏهن قومي غيرت جي اچي ته اهي به اها ئي ڳالهه ڪن جيڪا ڳالهه پنجاب ٿو ڪري، جنهن پيج تي بلوچستان پاڻ بيٺو آ يا جنهن تي ڪي پيءَ جو اسٽانس آهي. ان ڪري اسان هيل تائين اهو به ڏٺو آهي ته جنهن به سياسي پارٽيءَ کي محبوبيت نصيب ٿيندي آ يا جنهن به سياسي پارٽي اسلام آباد جا چور دروازا ڏٺا آهن يا انهن کان واقف به آهن ته انهن سدائين پنجاب جي شهرن جي مفاد جي ڳالهه ڪئي آ ۽ ڪنهن به ڀلجي سنڌ جي انٽريسٽ يا قومي غيرت جي ڳالهه ناهي ڪئي، ان ڪري انهن سڀني ڳالهين سان قوم جي دل آزاري ٿي ٿئي ۽ سڀني سياسي پارٽين کي کپي ته اهي ڪڏهن غلطيءَ سان به سنڌي قومي انٽريسٽ جي به ڳالهه ڪن ۽ هتان جي ماڻهن کي برمي ۽ بنگالي نه سمجهن ۽ قومن جي شناخت نه بگاڙن.

جنهن به سياسي پارٽي اسلام آباد جا چور دروازا ڏٺا آهن يا انهن کان واقف به آهن ته انهن سدائين پنجاب جي شهرن جي مفاد جي ڳالهه ڪئي آ ۽ ڪنهن به ڀلجي سنڌ جي انٽريسٽ يا قومي غيرت جي ڳالهه ناهي ڪئي، ان ڪري انهن سڀني ڳالهين سان قوم جي دل آزاري ٿي ٿئي ۽ سڀني سياسي پارٽين کي کپي ته اهي ڪڏهن غلطيءَ سان به سنڌي قومي انٽريسٽ جي به ڳالهه ڪن ۽ هتان جي ماڻهن کي برمي ۽ بنگالي نه سمجهن ۽ قومن جي سڃاڻپ نه بگاڙن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.