اها ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته گردا جسم جي رت فلٽر ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون ته جسم ۾ موجود رت قدرتي طريقي سان فلٽر ناهي ٿيندي جنهن لاءِ رت کي هٿرادو طريقي ڊائلاسز واري عمل ذريعي صاف ڪرڻو پوي ٿو، اهو رت کي فلٽر ڪرڻ جو واحد طريقو ته آهي پر صحت لاءِ موتمار پڻ آهي. انڪري اهو ضروري آهي ته گردن جي صحت جو خيال رکيو وڃي.