غزا (ويب ڊيسڪ) حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ جي معاملي تي معاهدو ٿي ويو آهي.
عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳالهين بعد اهو معاهدو ٿيو.
رپورٽ موبج ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني عورتن ۽ ٻارن جي آزادي عيوض حماس طفان 100 يرغمالي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته انساني بنيادن تي طئي ٿيل ان معاهدي جي حوالي سان ڪيترن ئي هفتن کان ڳالهيون جاري هيون.
قطر طرفان ڪيترن ئي هفتن کان ٻنهي ڌرين ۾ قيدين جي ڏي وٺ جي معاهدي لاءِ ڪوششون ڪيون پئي ويون.
واضح رهي ته حماس جي قيد ۾ 241 کان وڌيڪ اسرائيلي موجود آهن جن مان هيل تائين 4 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو آهي.
7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 11 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا اهن جن ۾ 4506 ٻار به شامل آهن.
Next Post
You might also like