جهاز ۾ شراب نه ملڻ تي رانديگر آپي کان ٻاهر، جهاز کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ شراب نه ملڻ تي هاڪي جي مشهور رانديگر هوائي جهاز کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 39 ورهين جي آندري سيڊياڪن روسي شهر مونٽيڪا طرفان روسي هاڪي ليگ کيڏي چڪو آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ مشهور آهي. هن فلائيٽ اٽينڊنٽ کان شراب گھريو انڪار ڪرڻ تي گوڙ ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن کيس شراب نه مليو ته هو جهاز کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيندو.
آندري دعويٰ ڪئي ته هن وٽ ڌماڪيدار ڊوائيس آهي. ان ڌمڪي کان پوءِ هن جهاز جو در کولڻ جي به ڪوشش ڪئي.
جهاز جي عملي روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ لينڊنگ کان اڳ ئي پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو لينڊ ٿيندي کي پوليس آندري کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.