وڌندڙ عمر سان گڏ دماغ کي جوان رکڻ چاهيو ٿا ته اسٽرابيري کائڻ عادت بڻائي ڇڏيو.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
Cincinnati يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته وچولي عمر ۾ روز اسٽرابيري کائن سان پوڙهائپ ۾ دماغي ڪمزوري جو سبب بڻجندڙ مرض ڊيمينشيا کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
انهيءَ تحقيقي ٽيم 2022ع ۾ ٻڌايو هو ته بلو بيريز کي روز کائڻ سان انسولين جي مزاحمت کان بچڻ ممڪن هوندو آهي جنهن سان دماغي صحت کي به فائدو ٿيندو آهي.
هاڻي نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسٽرابيري کائڻ سان به دماغي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي.
تحقيق موجب اهو مزيدار ميوو يادداشت ۽ ميٽابولڪ صحت کي بهتر بڻائيندو آهي.
محققن ٻڌايو ته اسٽرابيريز ۽ بلو بيريز ۾ anthocyanins نالي اينٽي آڪسائيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي ميٽابولزم ۽ دماغ لاءِ فائديمند هوندا آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو اسٽرا بيريز يا بلو بيريز کائڻ جا عادي هوندا آهن، انهن ۾ عمر وڌڻ سان گڏ دماغي ڪمزوري جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
ان تحقيق ۾ 50 کان 65 سالن جي عمر جي 30 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
تحقيق جي شروعات تي اهڙن ماڻهن طرفان معمولي دماغي ڪمزوري کي رپورٽ ڪيو ويو هو.
تحقيق دوران انهن ۾ 50 سيڪڙو روز جي بنياد تي نيرن ۾ اسٽرابيري سپليمينٽس جو استعمال 12هفتن تائين ڪرايو ويو جڏهن ته باقي ماڻهن کي placebo جو استعمال ڪرايو ويو.
انهن ماڻهن جا تحقيق جي شروعات ۽ پڄاڻي تي دماغي ٽيسٽ به مڪمل ڪيا ويا جڏهن ته انسولين جي مزاحمت ۽ ڪولسٽرول جي سطح کي به ٽيسٽ ڪيو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته جن ماڻهن کي اسٽرابيري سپليمينٽس جو استعمال ڪرايو ويو، انهن جا دماغي فعل بهتر ٿي ويا.
تحقيق موجب انهن ماڻهن ۾ ڊپريشن جون علامتون به نمايان حد تائين گھٽجي ويون جڏهن ته شيون ياد رکڻ سولو ٿي ويو.
محققن ٻڌايو ته ان مان اشارو ملي ٿو ته اسٽرابيري جي استعمال سان دماغي فعلن تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
پر روز اسٽرابيري سپليمينٽس جي استعمال سان ميٽابولزم تي ڪنهن به قسم جا هاڪاري يا ناڪاري اثر نه پيا.
محققن موجب اسٽرابيري، دماغي فعلن ۽ ميٽابولڪ صحت وچ ۾ واسطو موجود آهي.
ماهرن جو چوڻ هو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن نتيجن جي ٺوس طريقي سان تصديق ٿي سگھي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل نيوٽريشنز ۾ ڇپيل آهن.
You might also like