ڊاڪٽرن جو ڪارنامو، دنيا ۾ پهريون ڀيرو اک جي مڪمل پيوندڪاري

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ سرجنز پهريون ڀيرو ڪنهن ماڻهو جي اک جو مڪمل ٽرانسپلانٽ ڪيو آهي، جنهن کي ڊاڪٽرن طرفان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، پر سرجري کان پوءِ هيل تائين مريض جي ٽرانسپلانٽ ٿيل اک ۾ نور بحال ناهي ٿيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 46 ورهين جو آرون جيمز 2021ع ۾ حادثي جو شڪار ٿيو هو، کيس هاءِ وولٽيج جي پاور لائين تي ڪم دوران ڪرنٽ لڳو، جنهن ۾ سندس منهن جو اڌ حصو سڙي ويو هو ۽ سندس کاٻي اک به زيان ٿي وئي هئي.
هلندڙ سال مئي 2023ع ۾ ڊاڪٽرن آرون جيمز کي عطيي ۾ مليل انساني اک لڳائڻ لاءِ سرجري ڪئي جيڪا 21 ڪلاڪن تائين جاري رهي.
مڪمل اک جي پيوندڪاري فيس ٽرانسپلانٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر ۽ پلاسٽڪ سرجري شعبي جي سربراهه ايڊوروڊو روڊريگز ۽ سندس ساٿين ڪئي هئي، هنن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سرجري کان پوءِ آرون جيمز ڪنهن به سبب جي ڪري نور حاصل نٿو ڪري سگھي ته ٽرانسپلانٽ ٿيل اک سندس منهن جي ظاهري شڪل کي بحال ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪري سگھندي.
هتي اها ڳالهه ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته هيل تائين دنيا ۾ اک جي رڳو هڪ حصي ڪارنيا جي پيوندڪاري ڪئي ويندي آهي جنهن سان نطر جي هڪ خاص قسم جي خرابي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
مڪمل اک جي پيوندڪاري جو اهو پهريون واقعو آهي جنهن ۾ اک جي ريٽينا ۾ رت جي فراهمي ۽ ان کي دماغ جي ان حصي سان ڳنڍڻ شامل آهي جيڪو اک مان برقي پيغام موصول ڪري ڏسڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، اهو پيچيدهه سرجري جو پهريون تجربو آهي.
آرون جيمز جي چهري جي جن حصن کي ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو انهن ۾ نڪ، کاٻي پنبڻي ۽ ڀرون، چپ، کوپڙي جو حصو، ناڪ جي هڏي، ڳلن جون هڏيون ۽ اعصابي ٽشوز شامل هئا، ان کانسواءِ مڪمل کاٻي اک آپٽڪ نرو جي پيوندڪاري به ڪئي وئي هئي.

— فوٹو: رائٹرز
ان پيچيدهه سرجري ۾ ڊاڪٽرن عطيي ۾ مليل اک جي خلين کي جيمز جي اک جي نظر جي خلين سان ڳنڍيو ۽ ان کي فعال ڪرڻ لاءِ اسٽيم سيلز به لڳايا هئا.
اها سرجري 21 ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ ڊاڪٽرن، نرسز ۽ عملي سميت 140 کان وڌيڪ ماڻهو شامل هئا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پيوندڪاري مستقبل ۾ لاکين ماڻهن جو نور بحال ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.
مڪمل اک جي پيوندڪاري ڪندڙ ٽيم جي هڪ سرجن جو چوڻ هو ته آرون جيمز صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ عطيو ڪيل اک صحتمند نظر اچي رهي آهي، سندس ساڄي اک ڪم ڪري رهي آهي.
سرجري ڪندڙ ٽيم مان هڪ ڊاڪٽر ايڊورڊو روڊريگيز چيو ته حقيقت اها آهي ته اسان چهري جي اڌ حصي جي پهريون ڀيرو مڪمل اک جي پيوندڪاري ڪئي آهي، اهو زبردست ڪارنامو آهي جنهن بابت ماڻهو سوچي رهيا هئا ته اهو ناممڪن آهي.

فوٹو: رائٹرز
هن چيو ته اسان اها دعويٰ ناهيون ڪري رهيا ته ان سان نظر موٽي ايندي پر ايترو ضرور آهي ته اسان ان عمل جي هڪ قدم ويجهو اچي ويا آهيون.
ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اکي جي رڳن ۾ رت جو وهڪرو بهتر آهي ۽ اهو امڪان ناهي ته جسم جو مدافعتي نظام عطيو ڪيل اک کي رد ڪري ڇڏيندو.
جيتوڻيڪ اهو چوڻ اڳڪٿي آهي ته ارون جيمز جي ٽرانسپلانٽ ٿيل اک جو نور واپس اچي ويندو پر ڊاڪٽرز به ان امڪان کي رد ناهن ڪري رهيا.
نيويارڪ يونيورسٽي جي هڪ ٽرانسپلانٽ سرجن بروس اي گيلب جو چوڻ هو ته آرون جيمز جي اک اڳڀرائي بابت ڊاڪٽرز جي نگراني جاري رهندي.
سرجري جي 6 مهينن بعد آرون جيمز جي ٽرانسپلانٽ ٿيل اک ۾ خاص اڳڀرائي ناهي آئي، پر اکين جي مرضن واري شعبي جي هڪ ايسوسيئيت پروفيسر مجب اک ۾ رت جو وهڪرو جاري آهي جيڪو سٺي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.