ٽماٽن پٽاٽن، اٽي ۽ ڪڪڙ سميت ويهه شين جا اگهه چڙهي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

شماريات کاتي جي رپورٽ موجب، ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران مهانگائي ۾ 0 ڏهائي 73 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 29 ڏهائي 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران ٽماٽا 15 ڏهائي 4 سيڪڙو ۽ پٽاٽا 4 ڏهائي 5 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

اٽو 2.4 سيڪڙو، ٿوم 2.1 سيڪڙو، لوڻ 1.8 سيڪڙو، ڪڪڙ 1.6 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

شماريات کاتي جي رپورٽ موجب،هفتي دوران ڳڙ، چانور ۽ دالن جي اگهن ۾ معمولي ٿي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران ويهه شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ اٺ شين جي اگهه ۾ لاٿ ٿي جڏهن ته 23 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.