واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيل اتر غزا مان فلسطينين کي نڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ روز 4 ڪلاڪ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس چيو آهي ته اسرائيل اتر غزا جي علائقن ۾ حماس جي خلاف پنهنجي فوجي آپريسن ۾ 4 ڪلاڪ وقفي تي عمل درآمد شروع ڪندو. وقفي دوران انهن علائقن ۾ ڪا به فوجي ڪارروائي نه ٿيندي. اسرائيل گھٽ ۾ گھٽ 3 ڪلاڪ اڳ وقفي جو اعلان ڪندو.
آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته اهو وقفو صحيت رخ ڏانهن هڪ قدم آهي جنهن سان غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي ۽ شهرين کي فعال ويڙهه کان پري محفوظ علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ۾ مدد ملندي.
گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس جو چوڻ هو ته هيل تائين گڏيل طور تي 72،000ماڻهو اتر غزا مان لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن.
You might also like