ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف اهم ترين ميچ کان اڳ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ۽ امام الحق ڪولڪتا ۾ شاپنگ ۾ مصروف رهيا.
ٻنهي رانديگرن خميس ڏينهن شاپنگ ڪئي، ان کان اڳ به پنج ڪرڪيٽر ڪولڪتا ۾ شاپنگ ڪري چڪا آهن.
پاڪستاني ڪرڪيٽرن ڪولڪتا جي سائوٿ سٽي مال ۾ گذريل ڏينهن شاپنگ ڪئي، ان دوران بابر اعظم فيملي لاءِ ساڙهيون خريد ڪيون، ڪپتان گهر وارن لاءِ وڊيو ڪال تي منظوري کانپوءِ شيون خريد ڪيون.
شاپنگ دوران بابر اعظم ۽ امام الحق سن گلاسز جي خريداري ڪئي ۽ ٻنهي ڪرڪيٽرن پنهنجي لاءِ به ڪپڙا خريد ڪيا.