پي ٽي سي ايل واهپيدارن لاءِ بري خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي سي ايل جي انوکي قدم سبب ٽيليفون واهپيدارن کي پنهنجو پيپر بل حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مالي بار برداشت ڪرڻو پوندو.
پي ٽي سي ايل ترجمان موجب اهو فيصلو پيپر فرينڊلي ماحول لاءِ ڪيو ويو آهي جنهن تحت پي ٽي سي ايل پهرين جنوري 2024ع کان پنهنجن واهپيدارن کان پيپر بل جي مد ۾ 50 رپيا ماهوار وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي ٽي سي ايل جو چوڻ آهي ته پيپر بل جي مد ۾ واهپيدارن کي 50 رپيا ماهوار ادا ڪرڻا پوندا پر اي بل کين مفت فراهم ڪيو ويندو ان لاءِ واهپيدارن کي پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻو پوندو ۽ جيڪي واهپيدار پيپر بل وٺندا انهن کي ان لاءِ 50 رپيا واڌو ادا ڪرڻا پوندا.
ائين پهريون ڀيرو ٿيندو ته واهپيدار پنهنجو بل وٺڻ لاءِ به پيسا ڀريندا جنهن سان عوام تي لکين رپين جو واڌو مالي بار وڌو ويندو ۽ پي ٽي سي ايل جي آمدني ۾ به لکين رپيا اضافو ٿيندو، پي ٽي سي ايل ان ڏس ۾ واهپيدارن کي موبائيل فون ذريعي آگاهه ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.