اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) 6 مهينن کان گهٽ استعمال هيٺ موبائيل سِم جي واپسي تي چارجز لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ٽي اي موجب، غير استعمال ٿيل سمز جي واپسي تي ٻه سئو رُپيا چارجز لڳايا ويندا ۽ چارچز پهرين جنوري 2024 کان لاڳو هوندا.
پي ٽي اي چيو آهي ته واهپيدار 31 ڊسمبر 2023 تائين بنا معاوضي غيرضروري سمز بند ڪرائي سگهن ٿا.