ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 13 پئسا واڌ ٿي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 287 رُپيا 03 پئسا تي بند ٿيو.
ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 288 رُپين جي ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته ڪاروباري هفتي دوران انٽربئنڪ ۾ ڊالر ٻه رُپيا 72 پئسا مهانگو ٿيو آهي.