اڪيلي رهڻ ۽ سماجي طور تي ڪٽجي وڃڻ وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
اها ڳالهه اسڪاٽ لينڊ ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
گلاسڪو يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هر فرد کي پنهنجن دوستن ۽ مائٽن سان مهيني ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ضرور ملڻ گھرجي ته جيئن اهي اڪيلائپ ۽ جلد موت جي خطري کان بچي سگھن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هر مهيني هڪ ڀيرو به پنهنجن پيارن سان نه ملڻ جلد موت جو خطرو نمايان حد تائين وڌائي ڇڏي ٿو.
ان تحقيق ۾ ساڍا 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي طبي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي.
اهڙن ماڻهن جي سراسري عمر 57 سال هئي ۽ سندن صحت جو جائزو 12.6 سالن تائين ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته سماجي عليحدگي هر قسم جهڙوڪ اڪيلو رهڻ، اڪيلو هجڻ جو احساس ۽ دوستن يا مائٽن سان نه ملڻ سان جلد موت جو خطرو وڌندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو پنهنجن دوستن يا مائٽن کان پري ٿي ويندا آهن، انهن ۾ دل جي شريانين جي مرضن سبب موت جو خطرو 53 سيڪڙو جڏهن ته ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 39 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح اڪيلي رهندرن ۾ دل جي مرضن سبب موت جو خطرو 48 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.
جيڪي ماڻهو اڪيلائپ جي هڪ کان وڌيڪ قسمن کي منهن ڏيندا آهن، انهن ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 77 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
محققن موجب ماڻهن کان ڪٽجي رهندڙن ۾ جلد موت جو خطرو هوندو آهي ۽ ان ڪري ضروري آهي ته هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پنهنجن پيارن سان ضرور ملاقات ڪئي وڃي.
تحقيق ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته معاشري سان ڪٽجڻ سبب موت جو خطرو ڇو وڌي ٿو، پر محققن جي خيال ۾ اڪيلائپ جو شڪار ماڻهو صحت لاءِ هاڃيڪار عادتن جهڙوڪ سگريٽ ڇڪڻ کي اپنائيندا آهن.
ان تحقيق جا نتيجا جنرل بي ايم سي ميڊيسن ۾ ڇپيل آهن.
Next Post
You might also like