راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي اڄ ٿيل ٻڌڻي جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريع موجب، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ وڪيلن جي اڄ غيرحاضري کان اڻڄاڻ نڪتا ۽ جج طرفان وڪلين جي غيرحاضري جي نشاندهي تي پي ٽي آءِ چيئرمين حيرت جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين کي چيو ته عدالت ڪنهن خلل کانسواءِ ڪارروائي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي، اوهان پنهنجي وڪيلن کي چيو ته ٻڌڻي کي سنجيدا وٺن.
ذريعن ٻڌايو ته عدالتي ڪارروائي دوران اڊيالا جيل جي ٻاهران بم جي موجودگي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو ۽ جج ابو الحسنات عمران خان کي چيو ته پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي اڊيالا جيل اچان ٿو، پي ٽي آءِ وڪيل التوا تي التوا ڪري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل ۾ عدالت لاءِ نئون ڪمرو مخصوص ڪيو ويو آهي، نئين هال ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي اعتراض تي جج عدالت نئين ڪمري ۾ منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، هر ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي خاندان جا پنج، پنج ڀاتي موجود هوندا آهن.