ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته اسان جي ذهن ۾ نيٽ رن ريٽ جو پلان آهي، ان جي پويان وينداسين ۽ پوري پلاننگ آهي ته ڏهن اوورن ۾ ڪيئن کيڏڻو آهي پوءِ ڪيئن کيڏڻو آهي جيڪڏهن فخر زمان ويهه يا ٽيهه اوور کيڏي ويو ته اسان گهربل رن ريٽ حاصل ڪري سگهون ٿا.
انگلينڊ خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾ بابر اعظم پنهنجي ڪپتاني بابت سوال تي چيو ته فلحال سندس ڌيان ايندڙ ميچ تي آهي، ڪپتاني بابت پوءِ ڏٺو ويندو.
هن چيو ته گذريل ٽن ورهين کان پرفارم ڪري رهيو آهيان، ڪپتاني به ڪري رهيو آهيان، نه ٿو لڳي ته مون تي ڪو دٻاءُ آهي، ٽيم جو فيصلو ڪوچز ۽ ڪپتان جو هوندو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن کي مشورو ڏيڻو آهي ته نمبر سڀني وٽ آهي، ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سولو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، هيءَ ٽيم هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون به رهي آهي.