اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله شامل تي ٻڌل چار رڪني بئنچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سزا بابت اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
ان سلسلي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران سلمان صفدر ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران رشيد اي رضوي پيش ٿيا.
ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي چيف جسٽس چيو ته سٺو ٿيو تمام وڪيل موجود آهن، بينچ جي جوڙجڪ بابت ڳالهيون هلي رهيون هيون، وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته مان بينچ تبديل ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان.
جسٽس منصور کي ان ڪري بينچ ۾ شامل ڪيو جو هو ماضي ۾ هي ڪيس ٻڌي چڪو آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته 2019 جا ڪيس اڄ تائين مقرر ڇو نه ٿيا.
ان دوران پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته فوجداري قانون ۾ ترميم کانپوءِ خاص عدالت جي فيصلي خلاف اپيل سپريم ڪورٽ داخل ڪئي.
چيف جسٽس پرويز مشرف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اوهان جي درخواست کي نمبر ڇو نه لڳو؟ ان تي سلمان صفدر چيو ته رجسٽرار آفيس اعتراض لاڳو ڪيا ته سزا يافته جي سرنڊر کانسواءِ اپيل داخل نه ٿي سگهندي.
بعد ۾ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.