ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وفاقي حڪومت جي قرض جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، حڪومت جولاءِ کان سپٽيمبر 2023ع دوران 1450 ارب رُپيا قرض ورتو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، وفاقي حڪومت جو قرض سپٽيمبر 2023 تائين 62 هزار 291 ارب رُپيا رهيو.
سپٽيمبر 2023 تائين حڪومت جو مقامي قرض 39 هزار 697 ارب رُپيا جڏهن ته پرڏيهي قرض 22 هزار 593 ارب رُپيا رهيو.
ان کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ آف آڪٽوبر جي بئنڪنگ جا انگ اکر پڻ جاري ڪيا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، آڪٽوبر 2023 ۾ بئنڪن جي ڊپازٽس 79 ارب رُپيا وڌيا، جنهن کانپوءِ بئنڪن جي ڊپازٽس 26 هزار 397 ارن رُپيا رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل تفصيلن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آڪٽوبر ۾ بئنڪن چاليهه ارب رُپيا قرض ڏنو، ان ئي مهيني تائين بئنڪن جي قرضن ڪاٿو يارنهن هزار 897 ارب رُپيا رهيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، آڪٽوبر ۾ بئنڪن جي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 610 رُپيا رهيو جڏهن ته آڪٽوبر تائين سيڙپڪاري ڪاٿو 23 هزار 232 ارب رُپيا رهيو.
ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ٽي ڏهائي 17 ارب ڊالر پرڏيهي قرضن جي سروسنگ تي خرچ ٿيا، جولاءِ کان سپٽيمبر 2023 دوران ٻه ڏهائي 017 ڊالر قرضن جي اصل تي خرچ ٿيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، جولاءِ کان سپٽيمبر 2023 دوران هڪ ڏهائي 157 ارب ڊالر قرضن جي وياج ادائيگي تي خرچ ٿيا.