جنرل (ر) فيض مونکي جيل موڪليو، هو آرمي چيف ٿيڻ چاهي پيو: عليم خان

ٽيڪسلا ( م ڊ ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عليم خان چيو آهي ته جنرل (ر) فيض مونکي جيل موڪليو ڇو ته هو آرمي چيف ٿيڻ  چاهي پيو. عمران خان جيڪو چوندو هو ته سڀني کي روئاريندس، هاڻي پاڻ جيل ۾ روئي رهيو آهي. ٽيڪسلا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي صدر عليم خان چيو ته اسان سڀ 2011ع ۾ هڪ پارٽي ۾ شامل ٿياسين، جهانگير ترين علاج کانپوءِ گهر نه ويو ۽ سڌو اسلام آباد ڌرڻي ۾ آيو، هن چيو ته 2011ع ۾ پي ٽي آءِ وٽ ڪو ڪائونسلر به نه هو ۽ ان کان اڳ به اسان وزير ٿي چڪا هئاسين، روايتي سياست کان ڌار ٿي نئين پاڪستان لاءِ ڪوشش ڪئي پر پي ٽي آءِ ليڊر ڪنهن سان مخلص نه هو،  عليم خان چيو ته عمران خان کي جڏهن موقعو مليو اسان خلاف ڪارروائي ڪئي، جهانگير خان جي عورتن تي ڪيس ڪرايا، منهنجي  ڌيءُ خلاف 2 ڪيس داخل ڪيا ويا. هن الزام لڳايو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) فيض حميد مونکي جيل ۾ وڌو ڇو ته هو آرمي چيف ٿيڻ چاهي  پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.