فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ صحت واري وزير جي دعويٰ معاملو ڳنڀير بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران قانون واري وزير عمر سومرو  جي نيشنل جوڊيشنل ڪانفرنس کي  خطاب ۾چيو هو ته  صحت کاتي جي آفيسرن پير سان تعلقات جي بنياد تي سيمپل تباهه  ڪرڻ سبب سنڌ  مان ڊي اين اي ميچ نه ٿي سگهيو۽ پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائڻ تي ڊي اين اي ميچ ٿي وڃڻ واري خبر  کانپوءِ  صحت جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد نياز نگران قانون واري وزير عمر سومرو  جي بيان تي وضاحتي بيان ۾ چيو ته نينگري سان زيادتي جا نمونا پنجاب موڪليا ويا هئا پر رپورٽ ناڪاري آئي لمس ڄامشورو جي ليبارٽري ان سيمپل تي اڻٿڪ محنت کانپوءِ رپورٽ مثبت آئي آهي ۽ لمس ڄامشورو جي رپورٽ موجب نينگري کي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن زيادتي جو نشانو بڻايو آهي،هن چيو ته  آءِ جي، نگران قانون واري وزير سنڌ ۽ نگران گهرو وزير سنڌ خاص طور تي ان ڪيس جي جاچ ڪري رهيا آهيون شروعاتي طور ڪيس ۾ غفلت تي ايم ايس خيرپور سميت ٻن ڄڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ ڪنهن جي به لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي ميڊيا ۾ متضاد رپورٽون ڪيس جي اصل رخن ۾ تضاد پيدا ڪري سگهن ٿيون،هن چيو ته ڪيس جي وڌيڪ اڳڀرائي بابت جلد ميڊيا کي بريفنگ ڏني ويندي اسان جي گڏيل ڪوشش آهي ته معاملي کي مڪمل جاچ ۽ ثبوتن جي بنياد تي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي، ڊاڪٽر سعد خالد چيو ته سيمپل ملڻ ئي وڏي ڳالهه آهي، جيڪي اسان کي ملي ويا آهن، قانون واري وزير شايد غلطي ۾ بيان ڏئي ڇڏيو آهي، فاطمه ڦرڙو منهنجي ٻچڙن وانگر آهي، ناانصافي نه  ٿيندي، سڄاڻ ڌرين چيو ته صحت واري وزير کي تڪراري بيان نه ڏيڻ گهرجي، ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن فاطمه جي والدين جو چوڻ آهي ته اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، عدليه مان انصاف جي اميد آهي،قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.