صحتمند ننڊ لاءِ ڪدو جي ٻجن جو ڪهڙو ڪردار آهي؟

مناسب وقت جي ننڊ کي صحتمند زندگي لاءِ اهم قرار ڏنو ويندو آهي. برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروسز موجب هر شخص کي روز 7 کان 9 ڪلاڪن جي وچ ۾ ننڊ ڪرڻ گھرجي.
ماضي ۾ ڪيل مطالعن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته گھٽ ننڊ ڪرڻ شگر، ذهني ڪمزوري يا بي خوابي جهڙن سنجيدهه صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ان مسئلي جي حل جي طور تي ماهرن طرفان اهڙي خوراڪ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪا ڀرپور ننڊ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.
ماهرن موجب ميگنيشم سان ڀرپور ڪدو جي ٻجن ۾ بي خوابي جو حل موجود آهي. ميگنيشم هڪ اهم عنصر آهي جيڪو پٺن کي سڪولن بخشڻ کانسواءِ ميلاٽونن هارمونز جي خارج ٿيڻ کي وڌائيندو آهي جيڪي ننڊ ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا اهن.
هنن ٻڌايو ته ميگنيشم جي ٻين ذريعن ۾ ترن جا ٻج، سورج مکي جا ٻج، السي جا ٻج، بادام ۽ جهنگلي ڦودنو شامل آهن.
سليپ فائونڊيشن طرفان ننڊ ۽ ميگنيشم وچ ۾ واسطي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ميگنيشم سپليمينٽس ۽ ننڊ ۾ مددگار قدرتي شين ۾ شامل هوندو آهي.
فائونڊيشن طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته محقق سمجهن ٿا ته ميگنيشم اسان جي مرڪزي اعصابي نظام کي پرسڪون ڪندو آهي ۽ اهڙن ڪيميڪلز ري ايڪشنز جو سبب بڻبو آهي جيڪي ننڊ جي احساس کي وڌائيند اآهن.
ڪدو جا ٻج ميگنيشم سان گڏ ٽرائپٽوفين نالي امائنو ايسڊ سان به ڀرپور هجن ٿا جيڪي ننڊ جي معيار ۽ مزاج کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڃاتا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.