”يوڪرين جنگ تي مذمتون ڪندڙ غزا ۾ بمباري تي گونگا، ٻوڙا ٿي ويا آهن“

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين جي سماجي حقن بابت وزير آئيون بيلاري غزا ۾ عالمي اڳواڻن جي ٻٽي وريي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيلي حملي خالف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب هسپانوي سماجي حقن واري وزير آئيون بيلاري پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عالمي برادري کان اسرائيل تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسرائيل، فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪري.
هن عالمي اڳواڻن جي ٻٽي معيار تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته يوڪرين ۾ انساني حقن ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندڙ اسرائيل جي غزا تي بمباري تي گونگا ٻوڙا ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ هزارين ٻارن جي موت تي ڏکايل مائرن جون شدت سان رڙي پنهنجن ٻارن جي قتل جي شاهدي ڏئي رهيون آهن پر اڃا به گھڻا ملڪ ۽ اڳواڻ خاموش آهن.
آئيون بيلاري يورپي يونين تي به تنقيد ڪندي چيو ته اها عالمي تنظيمن، ڪميشنز ۽ يونينز جيڪي غزا جي معاملي ۾ گھڻو ڪجهه ڪري سگھن ٿا ماٺ ڪري ڇڏي آهي. يورپي ڪميسن به منافقت جو مظاهرو ڪيو آهي.
سماجي حقن جي وزير وري پنهنجي مطالبي تي زور ڏيندي چيو ته اسپين ۽ ٻيا ملڪ اسرائيل جي غزا تي حملن خلاف احتجاجن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.