جونا ڳڙهه تي ڀارتي قبضي کي 76 سال مڪمل

جونا ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان ڪشمير جي شاهي رياست جونا ڳڙهه کي زبردستي ضم ڪرڻ کي 76 سال گذري ويا. 1997ع ۾ ڪيتريونو ئي خود مختيار رياستون ڀارتي قبضي جو شڪار ٿي ويون.
1947ع ۾ هند جي ورهاڱي دوران شاهي رياست مهابت خان جي پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو. رياست جونا ڳڙهه جو پاڪستان سان الحاق، جونا ڳڙهه اسٽيٽ ڪائونسل جي منظوري سان ٿيو هو. ڀارتي سياستدان ولا ڀائي نواب آف جونا ڳڙهه کان پنهنجو فيصلو تبديل ڪرڻ تي زور ڀريو پر ڀارت ناڪامي کي منهن ڏنو.
ڀارت کي جونا ڳڙههه جو پاڪستان سان الحاق برداشت نه ٿيو ۽ جونا ڳڙهه تي زبردستي هٿيارن جي زور تي قبضو قائم ڪيو. ڀارتي فوجين جونا ڳڙهه ۾ وڏي پيماني تي قتل، عصمت دري ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
ڀارتي سياسي ناڪامين سبب هٿيارن جي اوٽ ۾ نالي ماتر ريفرنڊم به ڪرائي ڇڏيو. شاهي رياست جو قبضو ظاهر ڪري ٿو ته هندستان سڀني 565 شاهي رياستن کي طاقت جي زور تي قبضو ڪرڻ جي پويان هو. موجودا ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي هندستان جي مجرماڻي سوچ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
بنيادي طور تي ڀارتي حڪومت ۾ هندو انتهاپسندن جو قبضو ٿي چڪو آهي جنهن ڀارت کي نفرت جي باهه ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. موجودا ڀارتي حڪومت کان سٺي جي اميد نٿي ڪري سگھجي پر ڀارت جي اقليتن تي ظلم جي 76 سالن جي تاريخ اڄ به جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.